سعدالله مفتي

سعدالله مفتي: مشهور مفتي مولانا سعدالله انصاريءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو، سندس جنم 18 ذوالقعد 1286هه مطابق 19 فبروري 1870ع تي هالا نوان ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. مفتي سعدالله ابتدائي تعليم هالن ۾ حاصل ڪئي، سندس تعلق هڪ عالم گھراڻي سان هو، هن وڌيڪ تعليم عربستان وڃي حاصل ڪئي. هن اتي مڪي شريف ۾ ساڍا ٽي سال درس به ڏنو، جنهن کانپوءِ موٽي وطن آيو ۽ حيدرآباد صدر جي جامع مسجد ۾ پيش امام مقرر ٿيو. پاڻ سڀني علمن کان واقف هو. نجوم، عروض ۽ ٻين فنن تي مهارت رکندو هو. 1901ع ۾ رياست خيرپور لاءِ مفتي مقرر ٿيو، پاڻ اتي سرڪاري طور قضا جو ڪم ڪندو هو، فتوى به ڏيندو هو ته سرڪاري هنري اسڪول ۾ عربي به پڙهائيندو هو. 1929ع کان ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس ۾ عربي پڙهائڻ شروع ڪيائين. مفتي سعدالله ڪيترائي سال خيرپور رياست ۾ قضا جي عهدي تي فائز رهيو، پر پوءِ هن شيعا مذهب جي خلاف هڪ ڪتاب ’توب محمدي‘ نالي لکيو، جنهن تي رياست جي والي ان عهدي تان کيس هٽائي ڇڏيو. مفتي سعدالله بلند پايي جو عالم هو، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ مولانا هاليجويءَ جهڙا عالم به ڪڏهن ڪڏهن ڪن پيچده مسئلن ۾ هن ڏانهن رجوع ڪندا هئا. پاڻ شاعري به ڪندو هو، سندس اکر تمام سهڻا هوندا هئا. هن مولانا عبدالغفور همايونيءَ جا رسالا پڻ نقل ڪيا هئا. ان کانسواءِ هن هڪ ڪتاب ’ضرب المدارس بجواب واقعة القرطاس‘ لکيو هو، جيڪو ڇپجي نه سگھيو هو ۽ هاڻي اهو ناپيد آهي. هن 1942ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1870.02.19  عيسوي

مشهور مفتي مولانا سعدالله انصاريءَ جو اصل نالو عبدالرحيم هو، سندس جنم 18 ذوالقعد 1286هه مطابق 19 فبروري 1870ع تي هالا نوان ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سهجرام توشڪچي
تعمير حسين
جيون گرساهاڻي
الهه بخش نظاماڻي
حاجي غلام قادر ڪنڀار
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
رتيش سڌواڻي
همت علي خان ڪماريو سردار
بخشڻ خان چانڊيو
چاچڪ شيخ مغل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون